مهوش حيات ٽي وي اسڪرين تان گم هجڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا مهوش حيات ٽي وي ڊرامن کان پري رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
مهوش حيات جو شمار پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي، هوءَ ٽي وي ڊرامن کانپوءِ فلمن ۾ به پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي، جڏهن ته گهڻي وقت کان ٽي وي اسڪرين کان پري آهي، جنهن جو هن سبب ٻڌائي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ مهوش حيات چيو ته وڏي وقت کان ٽي وي اسڪرين کان ان ڪري پري آهيان، ڇو ته ڊرامن ۾ گهڻي ڀاڱي هڪجهڙا ئي ڪردار آهن.
سندس چوڻ هو ته اداڪارا جي حيثيت سان مان ڪو چئلينجنگ ڪردار نڀائڻ چاهيان ٿي، مون کي ”دل لگي“ ڊرامي کانپوءِ اهڙو ڪو پراجيڪٽ ناهي مليو.
هن چيو ته هاڻ مان ڊرامن ۾ ڪردار جي چونڊ سوچي سمجهي ڪندي آهيان، جڏهن ته ڪورونا وائرس اسان کي سٺو موقعو فراهم ڪيو آهي ته اسان ان ڳالهه جو جائزو وٺي سگهون ته پاڪستاني سئنيما ڪنهن حد تائين ڪامياب آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔