ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ جي لڳاتار چوٿين فتح، سريلنڪا ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر

شارجا: انگلينڊ جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
شارجا ۾ سريلنڪن ٽيم ٽاس کٽي انگلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ پهريان کيڏندي انگلش ٽيم مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ جون 3 وڪيٽون 35 رنسن تي ئي ڪِري پيون هيون، ان موقعي تي ڪريز تي آيل ڪپتان اين مورگن اوپنر جوز بٽلر سان گڏجي وڏي پارٽنر شپ قائم ڪري ورتي.
مورگن 40 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو پر جوز بٽلر آخر تائين ناٽ آئوٽ رهيو ۽ هن 101 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 6 ڇڪا ۽ 6 چوڪا شامل هئا.
جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 19 اوورن ۾ 137 رنسن تي ڍير ٿي وئي، هسارنگا ڊي سلوا 34 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ڀنوڪا راجاپاڪسا ۽ ڪپتان ڊوسن شناڪا 26-26 رنسون سان اڳڀرا رهيا.
انگلينڊ طرفان معين علي، عادل رشيد، ڪرس جارڊن 2-2، جڏهن ته ڪرس ووڪس ۽ ليام ليونگسٽن هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
انگلش ٽيم ميچ 26 رنسن تان کٽي ميگا ايونٽ ۾ مسلسل چوٿين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ گروپ ون ۾ پهرين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته سريلنڪن ٽيم 4 ميچن ۾ 3 ۾ شڪست کائي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔