ايل پي جي جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد: ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر ۾ 155 رپيا 80 پئسا وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.
اوگرا ايل پي جي سئلينڊر جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قيمتن ۾ واڌ جلد لاڳو ٿيندي.
قيمت ۾ واڌ کانپوءِ ايل پي جي جو 11.8 ڪلو جو گهريلو سئلينڊر 2559 رپيا 35 پئسا ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته آڪٽوبر ۾ ايل پي جي جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت 2403 رپيا 55 پئسا هئي.
هوڏانهن آڪٽوبر مهيني ۾ مهانگائي هلندڙ مالي سال جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
ڳڻپ واري اداري موجب آڪٽوبر 2021 ۾ مهانگائي جي شرح 9.2 سيڪڙو رهي، سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح 9 سيڪڙو هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔