هوا کي پاڻي ۾ بدلائي هڪ ارب ماڻهن جي ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي:سائنسدان

سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته هوا کي پاڻي ۾ بدلائي هڪ ارب ماڻهن جي ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي سائنسدانن هوا ۾ موجود آبي بخارن کي جديد ٽيڪنالاجي سان پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ تي تحقيق ڪئي جنهن بعد انهن پنهنجون سفارشون تيار ڪري پيش ڪيون آهن.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ آهي ان مسئلي جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد ان جو حل ڳولي ورتو آهي. هنن ٻڌايو ته موجودا ٽيڪنالاجي کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي ته هڪ ارب ماڻهو ان مسئلي مان نڪري سگهن ٿا. سندن چوڻ هو ته هوا ۾ رڳو 30 سيڪڙو گهم مان به جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري مناسب مقدار ۾ پاڻي ٺاهي سگهجي ٿو. سائنسدانن موجب پروٽو ٽائيپ کي ننڍي جاءِ تي رکي هوا مان 150 ملي ليٽر پاڻي في ڪلاڪ جي حساب سان ٺاهي سگهجي ٿو.
هنن چيو ته هوا ۾ موجود گهم کي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي جا مختلف قسم گذريل ڪيتري ئي عرصي کان موجود آهن جن جو وڏو انگ سج مان توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سائنسدانن جي ان حوالي سان هڪ جامع رپورٽ آمريڪي سائنسي رسالي جرنل نيچر ۾ شايع ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔