سوشل ميڊيا پٽڪا لاهڻ وارو پليٽ فارم لڳي ٿو: صبور علي

لاهور: اداڪارا صبور علي چيو آهي ته سوشل ميڊيا پٽڪا لاهڻ وارو پليٽ فارم لڳي ٿو. هڪ انٽرويو ۾ صبور علي جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا جو سهارو وٺي صارف جنهن جو وٺي تنهن جو پٽڪو لاهي ڇڏين ٿا ۽ بنا ڪنهن سبب تنقيد ڪئي وڃي ٿي.
هن چيو ته ڪنهنکي به سٺي ۽ خراب هجڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو حق ناهي. هن چيو ته بهتر ٿيندو ته سمورا صارف سوشل ميڊيا کي سٺن ڪمن لاءِ استعمال ڪن ۽ ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ پنهنجو پڻ جائزو وٺن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔