بلاول پاران ضمانت جي منظوري تي خورشيد شاهه کي واڌايون

ڪراچي: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت منظور ٿيڻ تي ايم اين اي خورشيد شاهه کي واڌايون ڏنيون آهن

بلاول چيو ته حڪومت نيب سان گڏجي خورشيد شاهه کي ٻن سالن تائين ناحق قيد ۾ رکي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو. خورشيد شاهه کي جمهوريت لاءِ آواز اٿارڻ تي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو

اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ ٻين سياسي اڳواڻن پاران به خورشيد شاهه کي ضمانت جي منظوري تي وڌايون ڏنيون ويون. اڄ سپريم ڪورٽ نيب جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪئي، عدالتي حڪم موجب خورشيد شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ موجود رهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔