چانڊڪا اسپتال جو ايم ايس تبديل، حميد سومرو جي جاءِ تي عبدالستار شيخ مقرر

لاڙڪاڻو: سنڌ جي صحت کاتي اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال جي نئين مقرر ٿيل ايم ايس حميد سومرو کي به بدلي ڪري ڇڏيو

ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو کي 6 مهينا اڳ ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جي جاءِ تي ايم ايس مقرر ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر حميد سومرو کي بدلي ڪري هيلٿ سروسز حيدرآباد جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي عبدالستار شيخ کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جو نئون ايم ايس مقرر ڪيو ويو آهي

صحت کاتي سنڌ پاران مقررين ۽ بدلين تحت ڊاڪٽر شهاب الدين قريشي کي پراونشل هيلٿ سينٽر ڄامشورو جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ سمورين مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔