حيدرآباد: سينٽرل جيل ۾ قيدي جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ

حيدرآباد: سينٽرل جيل ۾ ڌيءَ جي قتل الزام ۾ سزايافته قيدي جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي پوليس ذريعن موجب 40 سالن جو قيدي واحد بخش وٽو ڦاهو کائي مبينا آپگهات ڪيو آهي، پوليس ذريعن موجب 16 آڪٽوبر تي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ واحد بخش وٽو کي ڌيءَ نورجهان جي قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي

عدالت کيس زال نسيم گل کي زخمي ڪرڻ تي 10 سال قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ ۽ غيرقانوني هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ کيس 5 سال قيد ۽ 20 هزار ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، هٽڙي پوليس جوابدار واحد بخش وٽو خلاف سندس زال نسيم گل جي فرياد تي 2020ع دوران ڌيءَ جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو.

سينٽرل جيل ۾ قيدي جي مبينا آپگهات بابت جيل انتظاميا تصديق نه ڪئي، جيل سپرينٽنڊنٽ عبدالڪريم عباسي به فون اٽينڊ ڪرڻ بدران نمبر بند ڪري ڇڏيو، اطلاع تي سول جج جڊيشنل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت جو جج سينٽرل جيل پهچي ويو ۽ قيدي جو لاش ضروري ڪاريوائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔