سنڌ ڪابينا جا وڏا فيصلا: سبجيڪٽ تي 45 سيڪڙو پاسنگ مارڪس وارو شرط ختم

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ تعليم کاتي ۾ ڀرتين لاءِ سبجيڪٽ تي45 سيڪڙو پاسنگ مارڪس وارو شرط ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي وئي آهي. ٽيسٽ پاس ڪرڻ لاءِ مجموعي طور 55 سيڪڙو مارڪس وارو شرط برقرار رکيو ويو.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ وڏي وزير کي تعليم کاتي ۾ تازو ڀرتين لاءِ ٿيل ٽيسٽن ۽ شاگردن ۾ پکڙيل بي اطميناني ۽ خدشن بابت آگاهه ڪيو ويو. ڪابينا بحث مباحثي کانپوءِ ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ۾ سبجيڪٽ تي 45 سيڪڙو پاسنگ مارڪس وارو شرط ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته مجموعي طور ٽيسٽ پاس ڪرڻ لاءِ 55 سيڪڙو مارڪس وارو شرط برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ ڪابينا معذورن، اقليتن ۽ عورتن کي پاسنگ مارڪس ۾ رعايت ڏيڻ ۽ تعليم کاتي ۾ وڌيڪ استاد ۽ ٻيو عملو ڀرتي ڪرڻ جي منظوري به ڏني.

سنڌ ڪابينا تعليم کاتي ۾ معذور ماڻهن جي ڀرتي لاءِ پاسنگ مارڪس جو هدف گهٽائي 33 سيڪڙو ڪرڻ ۽ عورتن ۽ اقليتن جي لاءِ 50 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني. ٿر، اڇڙي ٿر ۽ ڪاڇي ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڀرتين دوران انهن علائقن جي اميدوارن لاءِ پاسنگ مارڪس 33 سيڪڙو تائين مقرر ڪرڻ جي منظوري به ڏني.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تعليم کاتي ۾ ڀرتين جي پاليسي تبديل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ پرائمري استادن جي کوٽ تقريبن ختم ٿي ويندي. جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز جون سنڌ ۾ 14 هزار جايون خالي هيون، جڏهن ته تازو ڪرايل ٽيسٽ جي نتيجي ۾ 17 هزار استاد اچي ويا آهن، وڌي ويل 3 هزار پاس اميدوارن کي هڪ سال لاءِ ويٽنگ لسٽ ۾ رکي رهيا آهيون، جيئن جيئن جڳهون خالي ٿينديون تيئن انهن کي مرحليوار اتي مقرر ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔