پي ڊي ايم راولپنڊي کان حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪري ڇڏي

راولپنڊي: پاڪستان ڊيموڪريڪٽڪ مومينٽ (پي ڊي ايم اي) حڪومت خلاف راولپنڊي کان احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي

اپوزيشن جي اتحاد ۾ شامل مسلم ليگ نون پاران راولپنڊي جي لياقت باغ ٻاهران مهانگائي جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ ڪارڪن ۽ شهري به شريڪ ٿيا. مظاهرين پاران مهانگائي ۽ حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي

مظاهرين لياقت باغ مري روڊ تي احتجاج ڪري روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿي. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته پي ڊي ايم جعلي حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ فيصلائتي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي

هن چيو ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري مهانگائي جو ايٽم بم ڪيرايو آهي ۽ عوام جي ردعمل ۽ تنقيد کان بچڻ لاءِ مديني جي رياست وارو مذهبي ڪارڊ استعمال ڪيو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔