ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ: اپوزيشن پاران 5 ايم پي ايز گم ٿيڻ جي دعويٰ

ڪوئيٽا: بلوچستان اسيمبلي ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ بعد اپوزيشن ليڊر ملڪ سڪندر دعويٰ ڪئي ته 5 اسيمبلي ميمبر گم ۽ گرفتار آهن

عبدالرحمان کيتران پاران وڏي وزير خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ تي ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر ملڪ سڪندر چيو ته ايوان مان 5 ميمبر گم ۽ گرفتار آهن، اسپيڪر انهن ميمبرن کي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رولنگ جاري ڪري.اپوزيشن ليڊر جي تقرير دوران گم ۽ گرفتار ڄاڻايل هڪ ميمبر عبدالرشيد ايوان ۾ اچي ويو

ايوان ۾ پهتل عبدالرشيد چيو ته مان دم ڪرائڻ ويو هيس، هاڻي واپس آيو آهيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔