ڪرپشن جو ھڪ ٻيو ريفرنس: سراج دراني جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني لاءِ ڏکيائيون وڌي ويون آھن، سنڌ هاءِ ڪورٽ مبينا ڪرپشن جي هڪ ٻئي ريفرنس ۾ آغا سراج دُراني جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي آھي

نيب کي ايم پي ايز هاسٽل جي اڏاوت ۾ مبينا ڪرپشن واري ريفرنس ۾ آغا سراج دُراني کي گرفتار ڪرڻ جو اختيار ملي ويو، ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪو قانوني رليف ٺهي ها ته ضرور ڏيون ها، جوابدار عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو، تنهن ڪري ضمانت درخواست رد ڪريون ٿا

عدالت جونيئر وڪيل طرفان درخواست واپس وٺڻ تي آغا سراج دُراني جي عبوري ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔