اين آءِ سي وي ڊي کي اڌ قبر ۾ نه رکو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ڪراچي: اين آءِ سي وي ڊي کي اڌ قبر ۾ نه رکو، اسپتال کي يا قبر مان ڪڍو يا دفنائي ڇڏيو، سنڌ ۾ صحت کاتي جي حالت اها آهي جو سمورين اسپتالن کي آئوٽ سورس ڪري رهيا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن ڪيس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا عدالت پڇاڻو ڪيو ته اين آءِ سي وي ڊي جا مامرا ڪڏهن ٺيڪ ڪندئو؟ ڊاڪٽر بار کي ڪنٽرول ڇو نٿا ڏئي ڇڏيو؟ بورڊ آف گورنرز جي ميمبر چيو ته ڊاڪٽر اديب رضوي کي به اسپتال ڏئي سگهون ٿا، عدالت چيو اها اڃا به سٺُي ڳالهه آهي، اسپتال ڊاڪٽر اديب رضوي کي ڏئي ڇڏيو، عدالت ڊاڪٽر نديم کان پڇاڻو ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب! توهان ته رٽائر ٿي وري لڳي ويا آهيو، توهان کي ته پاڻ ئي عهدو ڇڏڻ گهرجي ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔