طالبان جو آپريشن، داعش جا 4 ويڙهاڪ مارجي ويا

ڪابل: طالبان عالمي دهشتگرد تنظيم داعش خراسان جي خلاف آپريشن تيز
ڪري ڇڏيو.
افغان ميڊيا رپورٽن موجب طالبان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان افغان صوبي ننگرهار ۾
دهشتگرد تنظيم داعش خراسان خلاف آپريشن جاري آهي.
رپورٽن ۾ چيو ويو ته طالبان فورسز صوبي جي گادي واري هند جلال آباد ۾ ٻن الڳ الڳ
جاين تي آپريشن ڪيو
آپريشن دوران داعش جا 4 ويڙهاڪ مارجي ويا، جڏهن ته وڌيڪ تفصيل سامهون ناهن آيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔