ذيابطيس ۽ ٿولهه وارو ”سوئچ بٽن جِين“ دريافت، مسئلا حل

ٿولهه اڄڪلهه تمام گهڻي بيمارين جي جَڙ بڻجي ويو آهي ۽ انجي ڪري انسان ذهني مريض به بڻجي ويندو آهي.
ان حوالي سان ماهرن انساني جسم ۾ ڪجهه جينز اهڙا موجود هوندا آهن، جنهن جي ڪري ٿولهه کي وڌائڻ ۽ انکي گهٽ ڪرڻ ۾ به مدد ڪندو آهي.
ان حوالي سان ڪيل تحقيق ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته ٿولهه سان تعلق رکڻ واري 14 گينز انساني جسم ۾ موجود هوندو آهي جيڪا ٿولهه جو سڌي ريت سبب بڻبو آهي.
ماهرن موجب گهڻي ڪيلوريز واريون شيون، وقت تي ماني نه کائڻ، ورزش نه ڪرڻ سميت مختلف سبب ٿولهه جو سبب بڻبا آهن، پر انهن سڀني ۾ جين جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي جنهن سان جسماني سڻڀ گڏ ٿيندو رهندو آهي ۽ ماڻهو ٿُلها ٿيندا رهندا آهن.
ان معاملي جي وڌيڪ جاچ جي لاءِ ماهرن انساني 70 سيڪڙو جين بشمول جيتن سينوريبڊائٽس ايليگنز تي غور ڪيو، اهي جيت ڳريل، سڙيل ۽ پاروٿي فروٽن ۾ پيدا ٿيندا ۽ وڌندا رهندا آهن.
جينياتي تحقيق جي لاءِ جيتن جي جاچ ڪندي پهريون 293 جين چونڊيا ويا ۽ مشين لرننگ جي مدد سان انهن مان رڳو 14 جين الڳ ڪيا ويا.
هڪ هڪ ڪري اهي جين انهن جيتن ۾ وڌا ويا يا انهن جو سوئچ آن آف ڪيو ويو.
خبر پئي ته ٽن جينن جون سرگرميون روڪيون وڃن ته جيت ٿولهه کان محفوظ رهن ٿا.
جنهن کانپوءِ ڪوئن تي اهڙا تجربا ڪيا ويا ۽ هڪ جين بلاڪ ڪيو ويو ته ان جو وزن وڌڻ بند ٿي ويو ۽ رت ۾ کنڊ جو مقدار معمول تي اچڻ شروع ٿي ويو.
اهڙي ريت هڪ اهم جين سامهون آيو جيڪو ٿولهه ۽ شوگر ”ذيابطيس“ کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو.
جيڪڏهن سولي ٻولي ۾ ان جين کي سوئچ بٽن چئجي ته غلط نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔