پاڪستاني عوام کي هڪ ٻيو ڌچڪو، عالمي اداري بُري خبر ڏئي ڇڏي

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ اوسر جي شرح 4 سيڪڙو سان گڏوگڏ هلندڙ مالي سال دوران مهانگائي ۽ بيروزگاري جي بلند ترين جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب اوسر جي شرح بلڪل ائين ئي آهي، جيئن ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) تقريبن ٻه هفتا اڳ ٻڌائي هئي.
ان کانسواءِ ڪجهه ڏينهن اڳ عالمي بينڪ 3.4 سيڪڙو اوسر جي شرح جي اڳڪٿي ڪئي هئي، جيڪا حڪومت غير حقيقي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي هئي.
فچ سلوشنز پاڪستان جي اوسر جي شرح 4.2 سيڪڙو ٻڌائي هئي، جيڪا 4.8 سيڪڙو جي بجيٽ هدف کان نمايان طور تي گھٽ هئي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان چيو هو ته جي ڊي پي جي اوسر جي شرح 5.4 سيڪڙو کان وڌيڪ جو امڪان آهي.
پنهنجي ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ (ڊبليو اي او) ۾ واشنگٽن ۾ موجود قرض ڏيندڙ ايجنسي هلندڙ مالي سال دوران افراط ذر جي سراسري شرح 8.5 سيڪڙو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 3.1 سيڪڙو ۽ بيروزگاري جي شرح 4.8 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو لڳايو آهي.
آءِ ايم ايف مالي سال 2026ع تائين اقتصادي ترقي جي شرح هوريان هوريان جي ڊي پي جي 5 سيڪڙو تائين پهچڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو هو، جنهن جو اندازو هلندڙ سال اپريل ۾ لڳايو ويو هو.
هنن ٻڌايو ته افراط زر جي شرح گذريل مالي سال جي 8.9 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال 8.5 سيڪڙو تائين گھٽجي ويندي پر ايندڙ سال جي آخر تائين ٻيهر وڌيڪ 9.2 سيڪڙو ٿي ويندي.
آءِ ايم ايف جي مرضي هئي ته ڪنزيومر پرائز انڊيڪس مالي سال 2026ع تائين هوريان هوريان گھٽجي 6.5 سيڪڙو ٿي ويندو.
هنن اندازو هنيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مالي سال 2021 ۾ جي ڊي پي جي 0.6 سيڪڙو کان وڌي ايندڙ سال (مالي سال 2022) ۾ 3.1 سيڪڙو ٿي ويندو ۽ پوءِ مالي سال 2026ع تائين گھٽجي 2.8 سيڪڙو ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔