نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري واري سمري وزيراعظم آفيس کي ملي وئي

اسلام آباد: نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري واري سمري وزيراعظم آفيس کي ملي وئي آھي، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ بابت 24 ڪلاڪن ۾ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جا امڪان آھن، دفاع واري وزارت طرفان اماڻيل سمري وزير اعظم هائوس کي ملي وئي آھي.

ذريعن موجب نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي لاءِ سمري دفاع واري وزارت پاران موڪلي وئي آھي.

واضح رھي تھ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي وچ ۾ صلاح مشورو مڪمل ٿي ويو آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته نئين ڊي جي آئي ايس آءِ  جي مقرري تي وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي وچ ۾ مشاورت وارو عمل مڪمل ٿي ويو آهي.

وفاقي وزير وزير وڌيڪ چيو ته نئين مقرري جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سول ۽ فوجي قيادت ثابت ڪيو آهي ته ادارا متحد آهن ۽ ملڪ جي استحڪام، سالميت ۽ ترقي لاءِ برابر آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔