حڪومت بجيٽ ۾ ٽيڪس رعايتن بابت تفصيل عوام آڏو آڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  حڪومت طرفان بجيٽ 2026-27 جي حوالي سان عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کي مطمئن ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، انهي سلسلي ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جو عمل جاري آهي.

ذريعن موجب حڪومت فنانس بل 2026-27 ۾ شامل مختلف ٽيڪس رعايتن جا مڪمل تفصيل جاري ڪرڻ کان پاسو ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بجيٽ قدمن جا سمورا تفصيل في الحال ظاهر نٿا ڪري سگهجن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پگهاردار طبقي کي ڏنل ٽيڪس رليف سان قومي ناڻي تي نمايان مالي بار پوڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته سپر ٽيڪس جي خاتمي يا مرحليوار گهٽتائي کان به حڪومتي محصولات ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

اهڙي طرح برآمد ڪندڙن جي لاءِ ٽيڪس شرح ۾ گهٽتائي ۽ ريئل اسٽيٽ لين دين تي ٽيڪسز ۾ امڪاني نرمي جا قدم به روينيو تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا.

ذريعن موجب مختلف ٽيڪس رعايتن سبب قومي ناڻي تي گڏيل طور تي تقريبن 360 ارب روپين جو اضافي بار پوڻ جو امڪان آهي. حڪومت ۽ آءِ ايم ايف انهي امڪاني خساري جي ازالي لاءِ متبادل روينيو قدمن تي مشاورت ڪري رهيا آهن پر ٽيڪس رليف پيڪيج جي مالي اثرن بابت مڪمل انگ اکر سامهون ناهن آندا ويا.

 

تبصرے بند ہیں۔