آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي 300 ملين ڊالر ڏيڻ وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو

واشنگٽن:  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي 300 ملين ڊالر ڏيڻ وارين خبرن کي مڪمل طور تي بي بنياد قرار ڏيندي انهي کي سياسي پروپيگنڊا قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اها دعويٰ ته آمريڪا ايران کي 300 ملين ڊالر ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو سرار ڪوڙ آهي جنهن کي ڊيمو ڪريٽس ڄاڻي واڻي پکيڙي رهيا آهن.

هن چيو ته ايران بابت ڪنهن به مالي مدد جي خبر ۾ ڪابه سچائي نه آهي نه ئي اهڙو ڪو معاهدو غور هيٺ آهي. ٽرمپ اها به دعويٰ ڪئي ته ايران انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته هو ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪندو.

 

تبصرے بند ہیں۔