افغانستان ۾ موجود دهشتگرد پاڪستان ۽ خطي جي امن لاءِ خطرو آهن: عاصم افتخار

نيويارڪ: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مسفير سفير عاصم افتخار چيو آهي ته افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروپ پاڪستان ۽ خطي جي امن لاءِ خطرو بڻيل آهن.

 

عاصم افتخار احمد چيو ته افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروپ پاڪستان جي خلاف سرحد پار حملن ۾ ملوث آهن ۽ افغانستان مان جنم وٺندڙ دهشتگردي نه صرف پاڪستان پر سموري خطي جي امن، استحڪام لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي.

 

سلامتي ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي عاصم افتخار چيو ته امن کي نقصان پهچائيندڙ عناصرن کان هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف مهم انساني حقن ۽ بهتر حڪمراني افغانستان جا اهم چيلنجز ۽ ترجيحات آهن.

هن چيو ته سلامتي ڪونسل افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته ڪجهه طالبان عناصرن جي دهشتگرد تنظيمن سان تعاون جا اطلاع به موجود آهن. پاڪستاني سفير موجب ٽي ٽي پي، بي ايل اي، مجيد بريگيڊ، داعش خراسان ۽ القاعده افغانستان ۾ سرگرم آهن.

عاصم افتخار چيو ته چين قرارداد تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ موثر ڪردار اد اڪيو. هن انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ يوناما جي حمايت جاري رکندو ۽ هڪ اهڙي پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي جيڪو پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان امن ۽ تعاون سان گڏ رهي سگهي.

هن چيو ته يوناما پناهگيرن ۽ بي گهر ماڻهن جي باعزت واپسي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، جڏهن ته غيرقانوني هٿيارن جي واپار ۽ انهي جي پکيڙ جي روڪٿام ۾ به مدد فراهم ڪري. پاڪستاني سفير زور ڏنو ته يوناما جي رپورٽنگ معروضي، متوازن ۽ شاهدين تي ٻڌل هجڻ گهرجي، جڏهن ته امدادي رقم جي امڪاني غلط استعمال بابت حقيقتن تي ٻڌل جائزو به ضروري آهي.

هن وڌيڪ چيو ته يوناما کي افغانستان جي پاڙيسري ملڪ جي جائز سلامتي خدشن کي به آڏو رکڻ گهرجي، عاصم افتخار يوناما جي سربراهه جي مقرري ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کان خالي جڳهيون ڀرڻ جو به مطالبو ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔