جواد احمد معصوم ماڻهو آهي، ان لاءِ وڏيون دعائون گهريون اٿم: ابرار الحق

لاهور: مشهور گلوڪار ابرار الحق چيو آهي ته جواد احمد معصوم ماڻهو آهي، منهنجي سندس لاءِ دعا آهي.گلوڪار ابرار الحق جيو پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي پروفيشنل (پيشيورانه) زندگي تي کلي ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي.هڪ سوال جي جواب ۾ ابرار الحق جو چوڻ هو ته جواد احمد معصوم ماڻهو آهي، منهنجي سندس لاءِ دعا آهي، مان سندس ڳالهين کي اينجوائي ڪندو آهيان.هن ٻڌايو ته مون جواد احمد لاءِ وڏيون دعائون گهريون آهن، مون مڪي شريف وڃي دعائون گهريون، هو اسان جو ساٿي (ڪوليگ) آهي، کيس اپسيٽ (پريشان) ڏسي ڏک ٿيندو آهي. الائي کيس اندر ۾ ڪهڙي شيءِ جو غصو ۽ نفرت آهي، الله ڪري اها نفرت ختم ٿي وڃي ۽ سندس دل کي اطمينان، سڪون ۽ خوشيون ملن.جواد احمد بابت هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ابرار الحق جو چوڻ هو ته مان هميشه چوندو هوس ته منهنجي طرفان ڪجهه ناهي، هاڻي هو هر ڪنهن سان اهڙو رويو رکي رهيو آهي، جنهن مان توهان کي هاڻي اندازو ٿي ويو هوندو. انسان جڏهن ڳالهائيندو آهي ته سڃاتو ويندو آهي، پر مان اڄ به سندس لاءِ دعاگو آهيان.برابري پارٽي ۽ اقرار الحسن جي پارٽي مان ڪنهن کي ووٽ ڏيڻ واري سوال تي گلوڪار چيو ته اڃا سندن سفر شروع ٿيو آهي ۽ ٻنهي کي محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. اقرار الحسن گهٽ ۾ گهٽ سياست ۾ ته آيو، اڃا مارڪيٽ ۾ سياستدان موجود آهن ۽ عمران خان جي هوندي پري پري تائين ڪو ٻيو نظر ئي نٿو اچي.

تبصرے بند ہیں۔