نيويارڪ: آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي تي گڏيل قومن سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ۽ ملڪن مثبت رد عمل ڏيندي انهي کي خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ سفارتي حل طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻنهي ملڪن کي معاهدي تي پهچڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو قدم تڪرار جي پرامن حل طرف هڪ وڏو ۽ اهم قدم آهي. هن پاڪستان، قطر، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي تعميري ڪردار جي به تعريف ڪئي.
سيڪريٽري جنرل موجب انهي معاهدي جي نتيجي ۾ فوري ۽ مستقل جنگبندي ممڪن ٿي سگهندي جڏهن ته آبنائي هرمز جي بحالي سان عالمي واپار کي به رليف ملندو.
ٻيئ طرف برطانيه، فرانس، جرمني ۽ اٽلي به آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت جي آجيان ڪندي هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو آهي. چئني يورپي ملڪن واضح ڪيو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
يورپي ملڪن چيو آهي ته جيڪڏهن ايران طرفان تصديق جوڳا قدم کنيا وڃن ته انهي جي بدلي ۾ پابندين ۾ نرمي تي غور ڪري سگهجي ٿو. انهن آبنائي هرمز جي فوري ۽ غير مشروط کولڻ کي عالمي معيشت جي لاءِ ضروري قرار ڏنو.
بيان ۾ يورپي ملڪن لبنان جي خودمختاري ۽ استحڪام جي مڪمل حمايت جو به ارادو ڪيو. جڏهن ته خطي ۾ دير تائين امن جي لاءِ سفارتي ڪوششن کي جاري رکڻ تي زور ڏنو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔