آريان جي حمايت، گودي ميڊيا جي هتي گودي اداڪار آهن: شترو گهن سنها

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ اداڪار ۽ سياستدان شترگهن سنها منشيات ڪيس ۾ گرفتار آريان خان جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب شترگهن سنها چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي آريان جي ذريعي شاهه خان کي نشانو بڻائڻ جو موقعو ملي ويو آهي.
هن چيو ته ڪير به ان معاملي ۾ اڳتي اچڻ نٿو چاهي، سڀڪو سمجهي رهيو آهي ته اهو اسان جو نه ڪنهن ٻئي جو مسئلو آهي اهو ئي ان سان منهن ڏئي.
اداڪار جو چوڻ هو ته فلم انڊسٽري خوف ۾ ورتل ماڻهن جو گروپ آهي، گودي ميڊيا وانگر اهي به گودي اداڪار آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته آريان خان وٽان ڪو به منع ٿيل مواد يا منشيات هٿ ناهي آئي پر جيڪڏهن منشيات هٿ آءِ به آهي ته سزا وڌ ۾ وڌ هڪ سال تائين ملي سگهي ٿي پر هتي ائين ٿيندي نظر نٿو اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔