سنڌ حڪومت چوي ٿي جناح اسپتال کي بهتر هلايون پيا، پر اصل ۾ ائين ناهي: ڊاڪٽرز

ڪراچي: جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن چيو آهي ته سنڌ حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته جناح اسپتال کي بهتر هلايون پيا، پر اصل ۾ ائين بلڪل به ناهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڊاڪٽر نازش بٽ، ڊاڪٽر ارم بخاري ٻين چيو آهي ته اسان کي ترقيون نٿيون ملن، 2004 کان ڪيريئر جو ڳلو دٻايو ويو آهي، جيڪڏھن جي پي ايم سي ۾ عمارتون سٺيون نظر اچن ٿيون ته ان جي پٺيان ڊونيشن آهي. هنن چيو ته صرف ٽن ڊاڪٽرن کي پروموشن ڏني وئي آهي، جناح اسپتال ۾ انسٽيٽيوٽ آهن جنهن ۾ پوري ملڪ مان ڊاڪٽرز اچي نوڪريون ڪن ٿا. هنن چيو ته اسان کي وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ تڪرار جو سبب ڄاڻائي ترقين کان محروم رکيو ويو آهي، ان ڪري ڪيترائي ماڻهو هتان اسپتال مان ڇڏي هليا ويا ۽ اسپتال ڊائون ٿي رهي آهي، جنهن سبب مريضن جو نقصان ٿئي پيو،نرسز ۽ سينيئرز لاءِ جيڪڏھن رولز اپ ڊپٽ ڪري سگهجن ٿا ته اسٽنٽ پروفيسرز ۽ ٻين لاءَ ڇو نٿا ڪيا وڃن. هنن چيو آهي ته پراڻن ڊاڪٽرن جي سينارٽي کي شامل ڪري پوءِ نيون ڀرتيون ڪيون وڃن، اسين ڀرتين خلاف ناهيون، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ ڦاٿل آهيون پر انهي دوران ڪجهه ماڻهن کي ترقي ڏني وئي آهي. هنن چيو ته ڊاڪٽر ڪنهن جي لاءِ آواز اٿارين ته کين خاموش ڪرايو وڃي ٿو ته اوهان ميسحا آهيو، سرڪار صحت جي اهميت کي نٿي سمجهي، ڊاڪٽرن کي حق نه ڏيندا ته ڪيئن ڊيوٽي ڪري سگهندا. هنن چيو ته اسان ڪافي شاگردن جا سپروائيزر رهياسين، اهي ٻين ادارن ۾ وڃي پروفيسر بڻجي ويا ۽ اسان اڃا ميڊيڪل آفيسر ئي آهيون. هنن چيو ته سيمي جمالي جي وقت ۾ به اسان آواز اٿاريو هو، جنهن بعد ڊاڪٽر سيمي جمالي، سندس مڙس اي آر جمالي ۽ ھڪ ٻئي ڊاڪٽر کي ترقي ملي هئي. هنن چيو ته موجوده ڊائريڪٽر کي چيو آهي. جڏھن ڊي پي سي گهرائي وڃي ٿي ته مطلب قانوني ڪاغذي مڪمل ھوندي آهي ۽ پوءِ سنڌ حڪومت ان تي پروموشن نٿي ڪري، اسان وٽ روزاني چار ساڍا چار هزار جي او پي ڊي آهي، اسپتال جا ملازم افرا تفري جوشڪار آهن، هن اسپتال جو انتظامي ڪنٽرول ڪنهن وٽ آهي ڪنهن کي ڪا خبر ئي ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔