فائرنگ واقعو: پ پ آزاد ڪشمير جي صدر گرفتاري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: پيپلز پارٽِي آزاد ڪشمير جي صدر ۽ قانون ٺاهيندڙ اسيبملي ميمبر چوڌري ياسين فائرنگ ڪيس ۾ گرفتاري ڏئي ڇڏي. آزاد ڪشمير جي عام چونڊن دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا هئا. ايل اي 12 ۾ فائرنگ سان سياسي پارٽي جي ٻن ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ گذريل ڏينهن چوڌري ياسين جي عبوري ضمانت رد ڪئي هئي، جڏهن ته پ پ اڳواڻ چوڌري ياسين جا ٻه پٽ اڳ ۾ ئي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔