وينا ملڪ بيمار ٿي پئي، مداحن کي دعائن جي اپيل

اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ طبيعت خراب هجڻ تي مداحن کان دعائن جي اپيل ڪئي آهي. وينا ملڪ سوشل ميڊيا اڪائونٽي تي پنهنجي بيماري جو اطلاع ڏنو ۽ ٻه تصويرون شيئر ڪيون جن ۾ کيس اسپتال ۾ موجود ڏسي سگھجي ٿو ۽ هن جي رت جي ٽيسٽ لاءِ سيمپل ورتا پيا وڃن.
وينا ملڪ پنهنجي پوسٽ ۾ قرآني آيت جو ترجمو به لکيو ”۽ جڏهن آئون بيمار ٿيندو آهيان ته الله مون کي شفا ڏيندو آهي“. پر اداڪارا طرفان اهو واضح نه ڪيو ويو ته هو ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي. وينا ملڪ جي سوشل ميڊيا پوسٽن تي واهپيدارن وڏي انگ ۾ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته وينا ملڪ 2002ع کان 2014ع تائين اداڪاري ڪئي، ۽ هاڻ هوءَ 7 سالن جي ڊگھي عرصي کان پوءِ اردو فلڪس جي ويب سيريز ذريعي اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔