شهيد راڻي بينظير ڀٽو جِي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري ماءُ بڻجي وئي

ڪراچي:شهيد بينظير ڀٽو جِي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري ماءُ بڻجي وئي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي بختاور ڀٽو زرداري لکيو آهي ته هن پٽ جَي اولاد کي جنم ڏنو آهي، بختاور ڀٽو زرداري کي پٽ ڄڻ بعد اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نانو ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مامو بڻجي ويو آهي جڏهن ته آصفه ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته مان آفيشلي ماسي بڻجي وئي آهيان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ڪندي پٽ جي اولاد جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو تھ ھن کي 10 آڪٽوبر تي پٽ جو اولاد ٿيو آھي جنھن تي ھو ڏاڍي خوش آھي بختاور ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ڪندي الله جو شڪر ادا ڪيو، جڏهن ته بلاول ڀٽو پڻ مامو بڻجڻ بابت ٽوئيٽ ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔