دنيا کي افغان سرڪار سان هر حال ۾ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن:عمران خان

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ افغانستان ۾ وڏيون تبديليون ظاهر ٿي رهيون آهن، افغانستان ۾ گهرو ويڙهه سبب وڏي تباهي ٿي، افغانستان ۾ وڏيون تبديليون ظاهر ٿي رهيون آهن برطانيا جي آن لائن خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وڌيڪ چيو تھ افغانستان ۾ گهرو ويڙهه سبب وڏي تباهي ٿي، افغانستان پاڙيسري ملڪن لاءِ واپار جو لنگهه آهي، طالبان 20 ورهين بعد افغانستان ۾ حڪومت سنڀالي، داعش کان ڇوٽڪاري لاءِ طالبان واحد ۽ بهترين آپشن آهي وزيراعظم انٽرويو دوران وڌيڪ چيو تھ طالبان تي پابندين سان انساني بحران جنم وٺندو، دنيا کي افغانستان سان هر حال ۾ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ سان ناڪاري اثر پوندا، افغانستان ۾ جامع حڪومت جي ضرورت آهي عمران خان وڌيڪ چيو تھ افغانستان جا پاڙيسري ملڪ به جامع حڪومت چاهين ٿا، امريڪا پنهنجي جرنيلز جي چوڻ تي افغانستان ۾ ڦاٿل رهيو، امريڪي عوام کي افغان صورتحال کان گمراهه ڪيو ويو وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو تھ امريڪا کي افغانستان صورتحال سبب وڏو ڌڪ رسيو، چين خطي ۾ هڪ اڀرندڙ طاقت آهي، پاڪستان دھشتگردي خلاف ھزارين جانيون قربان ڪيون آھن، آمريڪي عوام کي افغانستان صورتحال کان گمراھ رکيو ويو.افغانستان ۾ ناڪامي تي پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو ناانصافي آهي، افغان جنگ ۾ امريڪا سان اتحاد سبب ٽي ٽي پي پاڪستان خلاف ويڙهه شروع ڪئي، هاڻ ٽي ٽي پي جَي ڪجهه ڌڙن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ڪوبه هوائي اڏو ڏيڻ جي ضرورت ناهي ٻيهر ڪنهن به تڪرار جو حصو بڻجڻ نٿا چاهيون، وزير اعظم جو چوڻ هو ته ڀارت جو آر ايس ايس نظريو دنيا جَي امن لاءِ خطرناڪ آهي، ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ڪري ٿو پر ڪير آواز نٿو اُٿاري، پاڪستان مٿان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ ڪو دٻاءُ ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔