ڪهڙو احتساب، ڪهڙي شفافيت:حڪومت پاڻ کي اين آر او ڏئي ڇڏيو:رضا رباني

پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني پي ٽي آءِ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آھي تھ ڪھڙو احتساب، ڪھڙي شفافيت ۽ ڪھڙي سيٺي حڪمراني، نيب آرڊيننس سان حڪومت پنھنجو پاڻ کي اين آر او ڏئي ڇڏي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني نيب آرڊيننس جو پوسٽ مارٽڪ ڪري ڇڏيو ۽ چيو تھ ڪابينا، ذيلي ڪميٽيون، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ اسٽيٽ بينڪ کي نيب جي پڪڙ کان پري ڪري ڇڏيو آھي ھن چيو تھ حڪومتي شخصيتن، فورمز ۽ فيصلن کي تحفظ ڏيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جو احتساب جو بيانيو مري ويو رضا رباني چيو تھ پي ٽي آءِ نوشتھ ديوارپڙھي ڇڏيو تھ ريڪارڊ مھانگائي کانپوءِ ايندڙ اليڪشن کٽڻ ممڪن ناھي، نيب آرڊيننس سان پيش بندي ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔