بلوچستان جي ٽن ناراض وزيرن جون استعيفائون منظور

ڪوئيٽا: بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا صوبائي ڪابينا ۾ شامل ٽن ناراض وزيرن جون استعيفائون قبول ڪري ورتيون آهن.6 آڪٽوبر تي بلوچستان ڪابينا جي ناراض ميمبرن گورنر هائوس پهچي استعيفيٰ ڏني هئي. ذريعن موجب بلوچستان جي گورنر ظهور بليدي ، سردار عبدالرحمان کيتران ۽ اسد بلوچ سميت ٽن ناراض وزيرن جون استعيفائون قبول ڪري ورتيون آهن. ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته هو 12 ماڻهن جي درخواست تي استعيفيٰ نه ڏيندو. هن چيو ته اتحادي پارٽين ۽ بي اي پي جا اڪثر ميمبر هن جي حمايت ڪري رهيا آهن ۽ هن جي ڪجهه ساٿين ان کان اڳ چار ڀيرا کيس هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڄام ڪمال چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته وزيرن کان استعيفائون واپس ورتيون ويون پر جيڪڏهن وزيرن استعيفيٰ واپس نه ورتي ته اسان نوان وزير رکنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔