لاڙڪاڻي ۾ هيڊ ماستر ڪيڊر جو آفيسر ترقيون ماڻي مهيني ۾ ڊي اي او بڻجي ويو

لاڙڪاڻو: تعليم کاتي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجا نوازي : 19 هين گريڊ جي هيڊ ماستر ڪيڊر جي آفيسر جو مھيني اندر ڊپٽي ڊائريڪٽر بڻجڻ کانپوء ڊي اي او پرائمري مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو. هڪ مهينو اڳ 8 سيپٽمبر تي گلشير سومرو کي ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائمري لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو هو. تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ جي لاڙڪاڻي دوري سان تعليم جو ڀلو ٿيو يا نه پر گلشير سومرو مھيني اندر ٻي پوسٽنگ وٺندي ڊي اي او پرائمري بڻجي ويو. ھيڊ ماستر ڪيڊر جي آفيسر جي مھيني اندر ڊپٽي ڊائريڪٽر کانپوء ڊي اي او پرائمري بڻجي وڃڻ تي سينئرن تعليم کاتي جي آفيسرن ۾ پريشاني ڇانيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔