گهوٽڪي ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

گهوٽڪي: گهوٽڪي واسي نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، شهر جي گريڊ اسٽيشن محلي جي رهواسي بشير احمد سومرو جي نوجوان پٽ ارشد سومرو بيروزگاري کان تنگ اچي گهر اندر پاڻ مٿان پيٽرول هاري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو جسم 80 سيڪڙو کان وڌيڪ جسم سڙي چڪو آهي، نوجوان ارشد سومرو جي پيءُ جو چوڻ آهي ته پٽ ارشد سومرو ڪافي وقت کان بيروزگار هو ۽ بيروگاري کان تنگ اچي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔