ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 39 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آٻاد: ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 39 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 27 هزار 986 ٿي ويو

پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 53 هزار 868 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 212 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 34 هزار 139، سنڌ ۾ 4 لک 61 هزار 258، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 75 هزار 12، بلوچستان ۾ 33 هزار 4، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 338، اسلام آباد ۾ هڪ لک 5 هزار 839 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 278  ڪيس رپورٽ ٿيا

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 96 لک 95 هزار 529 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 46 هزار 477 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 81 هزار 54 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 3 هزار 79 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 39 مريض فوت ٿي  ويا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن  جو انگ 27 هزار 986 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 724، سنڌ ۾ 7 هزار 451، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 608، اسلام آباد ۾ 930، بلوچستان ۾ 349، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 738 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔