نيب چيئرمين جي مقرريءَ تي اپوزيشن ليڊر سان نه صلاح نه ڪندس: وزيراعظم

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ کان صلاح مشورو ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

وفاقي ڪابينا نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ لاءِ نيب آرڊيننس جي منظوري ڏني، جيڪا سرڪيوليشن ذريعي ڏني وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان موقف اختيار ڪيو آهي ته هو نيب چيئرمين جي مقرريءَ لاءِ اپوزيشن ليڊر سان صلاح نه ڪندو.

ذريعن موجب وزيراعظم وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ فروغ نسيم تي واضح ڪيو ته هو چيئرمين نيب جي مقرري لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ سان صلاح نه ڪندو ۽ نه ئي ان جو ارادو آهي ته اپوزيشن سان ان حوالي سان صلاح مشورو ڪري.

هن کان اڳ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي قانون واري وزير فروغ نسيم چيو هو ته وفاقي ڪابينا ۾ نيب چيئرمين جي مقرري تي ڪابه ڳالهه ناهي ٿي، فواد چوڌري جيڪا ڳالهه ڪئي اها پهرين واري گڏجاڻي جي هئي، هي ڳالهه بعد ۾ ٿي ته نيب چيئرمين بابت شهباز شريف سان مشاورت ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته نئين چيئرمين لاءِ موجوده نيب چيئرمين جاويد اقبال جو به نالو آهي پر نئون چيئرمين جي اچڻ تائين پراڻو نيب چيئرمين ڪم ڪندو رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔