سامونڊي طوفان ”شاهين“ عمان ۾ تباهيون مچائي ڇڏيون

مسقط: سامونڊي طوفان ”شاهين“ عمان جي سلطنت مختلف علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، عماني ايمرجنسي ڪميٽي موجب برساتن ۽ تيز هوائن جي ڪري مختلف حادثن ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا آهن.
ڄاڻايو ويو آهي ته 7 ماڻهو اڄ جڏهن ته چار ماڻهو گذريل ڏينهن موت جو شڪار ٿي ويا هئا. جڏهن ته هاڻي طوفان جي شدت گهٽجي گهٽ دٻاءَ واري ٿي وئي آهي.
طوفان جي اثر هيٺ گڏيل عرب امارتن جي شهر العين ۽ اوڀر واري علائقن ۾ هلڪي ۽ وچولي درجي جي برسات جو سلسلو به جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔