سلمان خان آٿت ڏيڻ لاءِ شاهه رخ خان وٽ پهچي ويو

ممبئي: باليووڊ اداڪار شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي منشيات ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ سلمان خان، شاهه رخ خان جي گهر پهچي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان آچر واري ڏهاڙي تي ممبئي ۾واقع شاهه رخ خان جي گهر پهتو.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو(اين سي بي) طرفان آريان جي گرفتاري کانپوءِ سلمان خان جي شاهه رخ خان جي گهر اوچتي آمد ان جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ هئي.
رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سلمان خان تازو ئي آسٽريا مان پنهنجي ايندڙ فلم ٽائيگر 3 جي شوٽنگ کانپوءِ ڀارت پهتو آهي. سلمان خان جو مقصد شاهه رخ خان کان حال احوال وٺڻ ۽ کيس تسلي ڏيڻ هو هو ٿوري مدي وارو خانگي دورو هو جنهن ۾ پروفيشنل حوالي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔