لاهور عدالت مان ايليٽ فورس جا ٻه جعلي اهلڪار گرفتار

ڪراچي: سيشن ڪورٽ لاهور ۾ ججز گيٽ تان ايليٽ فورس جي ٻن جعلي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان جديد رائفل، نائن ايم ايم پسٽل، ميگزين ۽ گوليون بر آمد ڪيون ويون آهن. پوليس موجب جوابدارن کي سيشن عدالت جي ججز گيٽ مان داخل ٿيندي کين گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدارن ۾ مشتاق احمد ۽ ظهير الدين بابر شامل آهن جن کي اسلام پوره ٿاڻي تي منتقل ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔