عوام کي کيسن تي ڌاڙو، پيٽرول وري مهانگو ڪرڻ جون تياريون

اسلام آباد: حڪومت طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي. گذريل مهيني حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا، ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا هڪ پئسو، لائٽ ڊيزلي آئل جي قيمت ۾ 5 رپيا 92 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 5 رپيا 42 پئسا واڌ ڪئي هئي. هاڻ اوگرا طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي وئي آهي، جنهن ۾ پيٽرول 5 رپيا 25 پئسا في ليٽر، ڊيزل ساڍا 3 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ ڪئي ۽ نوان اگهه پهرين آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔