سينيئر صحافي گلشن شيخ لاڏاڻو ڪري ويو، قلم ڌڻين ۾ ڏک جي لهر ڇانيل

ڪراچي: سينيئر صحافي گلشن شيخ لاڏاڻو ڪري ويو. سينيئر صحافي گلشن شيخ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻُو ڪري ويو. مرحوم ڪيتري ئي عرصي کان گڙدن جي بيماري سبب علاج هيٺ هو، گلشن شيخ جي وڇوڙي تي صحافي برادري پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. صحافي منصور مغيري، غازي جهنڊير، شڪيل سومرو، عرفان عالماڻي، منور عالم، نصر الله جمالي، شاهد ميراڻي نواز ڏاهري، عارف نائچ ۽ ٻيا سندس لاڏاڻي بعد فورن اسپتال پهتا. مرحوم گلشن شيخ جي مڙهه کي سندس اباڻي ڳوٺ نئين ديري منتقل ڪيو ويو جتي کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس لاڏاڻي تي وڏي وزير، مرتضيٰ وهاب، امتياز شيخ، حليم عادل شيخ ۽ ٻين سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گلشن شيخ جون صحافتي ذميواريون سدائين ياد رکيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔