وزيراعظم جو سي پيڪ منصوبن جي سست رفتاري جو اعتراف

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چائنا پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) منصوبن تي ڪم جي سست رفتاري جو اعتراف ڪري ورتو. اسلام آباد ۾ 600 ڪي وي مٽياري کان لاهور ٽرانسميشن لائن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ چيو آهي ته ڪورونا جي ڪري سي پيڪ ۾ ڪجهه مسئلا ٿيا پر هاڻي سي پيڪ تي ڪم ساڳي ريت شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ پئسو ايندو ته قرض لاهڻ جي قابل ٿي سگهنداسين، مهانگائي ۾ گهٽتائي به ايندي سي پيڪ جي رفتار ۾ انشاءَ الله تيزي ايندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٽرانسميشن لائنز پراڻيون ٿي ويون آهن، لائنز جا خطرا وڌيڪ آهي جنهن جي ڪري بجلي هوندي به بجلي بچائي نٿا سگهون، نئين منصوبي سان بجلي جي بچت ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔