نيب 22 سالن کان رولز بدران رڳو ايس اوپيز تي ڪم ڪري رهيو آهي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ نيب 22 سالن کان رولز بدران رڳو ايس اوپيز تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنوري 2020ع کان درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، نيب اڃا تائين جواب جمع ناهي ڪرايو. سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان نيب جي رولز بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب جي رولز بابت ٻيهر ڊرافٽ تيار ڪري قانون ۽ گهرو وزارت ڏانهن اُماڻيو ويو آهي. اسسٽنٽ اٽارني جنرل طرفان عدالت کي 15 کان 20 ڏينهن ۾ تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جي خاطري، سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع نه ٿيو ته نيب تي ڏنڊ لڳائي گهرو وزارت ڏانهن اُماڻي ڇڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔