خيبرپختونخوا ۾ ڪرپشن ايتري وڌي وئي آهي جو ماڻهن کي ڪجهه ڊليور ئي نه پيو ٿئي: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ ڪرپشن ايتري وڌي وئي آهي جو ماڻهن کي ڪجهه ڊليور ئي نه پيو ٿئي. خيبرپختونخواهه ۾ زلزلي متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي تعمير نه ڪرڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن ايتري وڌي وئي آهي جو ماڻهن کي ڪجهه به نٿو ملي. جسٽس مظهر عالم چيو ته دهشتگرد، ٺيڪيدارن کان ڀتا خوري جو مطالبو ڪري رهيا هئا ۽ ڌمڪيون به ڏئي رهيا هئا ، ڪيترائي ٺيڪيدار بنون ۽ ڊي آءِ خان ۾ پنهنجون نوڪريون ڇڏي فرار ٿي ويا. ٺيڪيدارن کان ڀتا خوري جي واقعن بابت لاعلمي جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا چيو ته هو عدالت جي نشاندهي تي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ وٺندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔