غير اخلاقي وڊيوز منظرعام تي آڻڻ انتهائي خراب ڳالهه آهي:مريم نواز

لاھور: نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ چاهيان ٿي ته نواز شريف جِي ڏيهه واپسي ڊسمبر کان اڳ ٿئي، نواز شريف ۽ آئون سياست ۾ رهنداسين، جنيد صفدر سياست ۾ نه ايندو. نواز ليگ جِي مرڪزي نائب صدر مريم نواز، محمد زبير جِي وڊيو کي سندس ذاتي معاملو قرار ڏيندي چيو آهي ته غير اخلاقي وڊيوز منظرعام تي آڻڻ انتهائي خراب ڳالهه آهي، ڪنهن جِي به اهڙي وڊيو نه اچڻ گهرجي. محمد زبير ۽ سندس ڪٽنب کي ڊگهي عرصي کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون، محمد زبير جِي وڊيو وارو مامرو الله جو معاملو آهي، هُو ترجمان رهندو، نيب چيئرمين جَي مُدي ۾ واڌ آئين جَي دائري ۾ هجڻ گهرجي، نواز ليگ اِن معاملي تي صلاح مشورن بعد فيصلو ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔