وفاقي سرڪار سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ گهري ٿي ته صوبائي حڪومت کان پهرين اجازت وٺڻي پوندي:سعيد غني

ڪراچي: وفاقي سرڪار سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ گهري ٿي ته صوبائي حڪومت کان پهرين اجازت وٺڻي پوندي، ڪراچي جي مسئلن تي ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، صوبائي وزير سعيد غني پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته فواد چوڌري جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيون، خبر ناهي ته ڪراچي ۾ هڪ رُپيو به خرچ نه ٿيڻ وارو بيان ڪهڙي حالت ۽ موڊ ۾ ڏنو. پي ٽي آءِ حڪومت جا اعلان رڳو ڪاغذن تائين هوندا آهن، پ پ حڪومت ڪراچي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سعيد غني چيو ته اسڪولي بئنچز اسڪينڊل جي جاچ جي فيصلي بابت تعليم وارو وزير ٻڌائي سگهي ٿو، جاچ ۾ آئون به ذميوار ثابت ٿيان ته ڀلي ڪارروائي ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔