سنڌ حڪومت سڀاڻي ارسا جي ايڊوائزري ڪاميٽي جي اجلاس لاءِ تفصيلي سفارشون تيار ڪري ورتيون

ڪراچي: سنڌ حڪومت سڀاڻي ارسا جي ايڊوائزري ڪاميٽي جي اجلاس لاءِ تفصيلي سفارشون تيار ڪري ورتيون آھن، ربيع جي مند ۾ ارسا پاران ڄاڻايل 27 سيڪڙو کوٽ کي حصي موجب ورهاست نه ڪرڻ جي صورت ۾ سنڌ حڪومت پاران ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. آبپاشي کاتي پاران تيار ڪيل سفارش ۾ چيو ويو آھي تھ پاڻي کوٽ دوران صوبن ۾ پاڻي، 91 ٺاھ تحت برابري جي بنياد تي ورهايو وڃي ، آبپاشي کاتي موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ سنڌ جي نمائندي پاران پاڻي معاملن جي ڪجهه نقطن تي اعتراض واريا ويا صوبائي وزير ڄام خان شورو موجب ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي ربيع جي مند ۾ موجود پاڻي ۾ 27 سيڪڙو کوٽ ڄاڻائي آهي، اسان جي سفارش آهي ته کوٽ کي منصفاڻي طريقي ورهايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو. سڀاڻي واري ارسا جي ايڊوائزري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ 27 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جيڪڏهن 91 ٺاھ بجاءِ ٿري ٽيئر فارمولا تحت ختم ڪئي وئي ته سنڌ احتجاج ڪندي. پاڻي قلت سبب فصلن کي ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ آبپاشي کاتي پاران زراعت کاتي کي صوبي ۾ ٿيل زرعي نقصان جا تفصيل گڏ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔