ڪورونا وائرس: سگريٽ ڇڪيندڙن لاءِ بري خبر

لنڊن: عام طور تي سگريٽ ڇڪڻ جا ڪيترائي نقصان آهن، دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو سگريٽ ڇڪڻ سبب بيمارين ۾ مبتلا ٿي اسپتال ڀيڙا ٿيندا آهن پر هاڻ سگريٽ ڇڪيندڙن لاءِ به ڪورونا وائرس بابت هڪ بري خبر سامهون آئي آهي.
آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سگريٽ ڇڪيندڙن ۾ ڪورونا وائرس سبب اسپتال داخل ٿيڻ جو خطرو 80 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي، اهو نتيجو ڪورونا جي 4 لک 21 هزار مريضن جا انگن اکر گڏ ڪرڻ کان پوءِ ڪڍيو ويو.
ٿيورڪس ۾ ڇپيل ان ريسرچ اسٽڊي جي محققن خبردار ڪيو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ سان ڦڦڙ اڳ ئي سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ کان قاصر هوندا آهن، ڪورونا جا وار کين اسپتال پهچائي سگھن ٿا.
ماهرن انگن اکرن مان ثابت ڪيو ته هر سگريٽ ڇڪيندڙ 14 هزار ڪورونا متاثرن جي 241 ماڻهن تي ٻڌل گروپ مان 51 ڄڻن کي اسپتال داخل ٿيڻو پيو.
اهڙيءَ طرح سگريٽ نه ڇڪيندڙ 25 هزار ڪورونا مريضن جي ڊيٽا جو به جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ 600 ماڻهن مان 400 مريضن کي اسپتال داخل ٿيڻو پيو.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ڏينهن ۾ 9 تائين سگريٽ ڇڪيندڙن ۾ ڪورونا سبب موت جو خطرو سگريٽ نه پيئندڙن جي ڀيٽ ۾ ٻيٽو هو، 9 کان 19 سگريٽ روزانو ڇڪيندڙن ۾ اهو خطرو 5 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي، جڏهن ته 19 کان وڌيڪ سگريٽ روزانو ڇڪيندڙن ۾ اهو خطرو 6 کان 10 ڀيرا وڌيڪ وڌي ويندو آهي.
ٺيڪ هڪ سال اڳ هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته ان ڳالهه جا گھڻا ثبوت موجود آهن ته سگريٽ ڇڪڻ ڦڦڙن جي صحت تي ناڪاري اثر وجهي ٿو، انفيڪشن خلاف جسم جي رد عمل کي روڪي ٿو، ۽ قوت مدافت کي دٻائي ڇڏي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔