وفاقي سرڪار 16 هزار ملازمن جي برطرفي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد : ايس ايس جي سي ۽ ايف آءِ اي سوڌو ٻين ادارن مان برطرف ٿيل هزارين ملازمن لاءِ اُميد جو ڪرڻو پيدا ٿي پيو آھي.

وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ سيڪٽ ايمپلائيز ايڪٽ 2010ع ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي تي نظرثاني لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آھي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان درخواست ۾ فيصلي تي نظرثاني جي استدعا ڪئي وئي آھي.

 درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته هن ڪيس ۾ سيڪٽ ايڪٽ تحت فائدو وٺندڙ هزارين ملازمن جو به موقف ٻڌڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ طرفان ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بعد حڪومت مختلف وفاقي ادارن مان هزارين ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔