ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليھو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليھو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، سنڌ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي موقعي تي مجلسون ۽ ماتمي جلوس جاري، عزاداري ۽ نوحه خواني ذريعي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، بينظير آباد ۽ ميرپور خاص ۾ چهلم جي موقعي تي ٻيلهه سواري تي پابندي، ڪراچي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس جا رستا ڪنٽينرز رکي سيل، وڏي انگ ۾ پوليس مقرر، لاڙڪاڻو ۾ به ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ 2 هزار اهلڪار مقرر، سکر جي مختلف علائقن مان نڪتل عزادارن جا قافلا روهڙي طرف روان دوان آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔