دوزخ جي کوهه طور مشهور غيرمعمولي کڏ جا پراسرار راز پڌرا، مئل جانور، نانگ ۽ موتي هٿ

دوزخ جي کوهه طور مشهور غيرمعمولي کڏ جا پراسرار راز پڌرا، مئل جانور، نانگ ۽ موتي هٿ ڪري ورتا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يمن جي شهر باريوت ۾ ڪيترن ئي سالن کان هڪ انوکو کوهه عوام لاءِ خوف جي علامت ۽ تمام گهڻو پراسرار بڻيل رهيو، مقامي ماڻهو ان کي دوزخ جو کوهه سڏيندا رهيا، ڪيترن ئي سالن کان يمني ڪهاڻين ۽ ڪتابن جو موضوع بڻيل رهيو،آثار قديمه جي هڪ ٽيم جديد ٽيڪنلاجي جي مدد سان ان کوهه جي تهه تائين رسائي حاصل ڪري پراسرار راز پڌرا ڪيا، ماهرن جي ٽيم کي ان کوهه جي تهه مان ڪيترائي مئل جانور ۽ نانگ مليا، ڪجهه قيمتي پٿر پڻ هٿ ڪري ٻاهر آندا ويا، ماهرن جو ان سلسلي ۾ چوڻ هو ته کوهه جي ويڪر 100 فوٽ ۽ گهرائي 367 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي تهه مان ڪنهن به آسماني مخلوق جي ڪابه علامت نه ملي آهي، عمان ۾ موجود جرمن يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي پروفيسر محمد الڪندي جو چوڻ هو ته کوهه جي ڳولا يمني تاريخ کي اجاگر ڪرڻ آهي ڇاڪاڻ ته اهو کوهه يمني تاريخ جو اهم حصو ثابت ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔