مشال خان کي تيزاب سان حملي جي ڌمڪي

لاهور: اداڪارا ۽ ماڊل مشال خان کي تيزاب سان حملي جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. تفصيل موجب اداڪارا ۽ ماڊل مشال خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ذريعي انڪشاف ڪيو آهي ته حليمه نالي خاتون جي اڪائونٽ تان مون کي ڌمڪي ملي آهي ته تو مٿان تيزاب سان حملو ڪيو ويندو.
مشال خان اهو به لکيو آهي ته ڄاڻايل عورت صارفين کان مون تي تيزاب هارڻ لاءِ مدد پڻ گهري آهي. هن چيو ته ڄاڻايل ڌمڪي بعد منهنجا گهروارا خوف ۾ ورتل آهن منهنجي مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته خبر ناهي ته ان عورت کي مون سان ڪهڙو مسئلو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔